سندر مجرم

سندر مجرم: شاعر سندر مجرم جو اصل نالو سندر منگھراج جڳواڻي ۽ تخلص ’مجرم‘ آهي. هن 5 جنوري 1925ع تي ڀريا شهر ۾ جنم ورتو. ورهاڱي وقت ڀارت لڏي ويو، جتي احمد آباد ۾ وڃي رهيو. سندر مجرم هڪ شاعر هجڻ سان گڏ ڪهاڻيڪار ۽ صحافي به آهي. هن جا ڪيترائي شعر سنڌ جي مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپيا آهن. ان کان سواءِ ’سنجي‘، ’ڦلواڙي‘ ۽ ’گلشن‘ رسالن جو اسسٽنٽ ايڊيٽر پڻ رهي چڪو آهي. سندس شاعريءَ جا ٻه مجموعا (1) ’نيڻن وهايو نير‘ (1976ع) ۽ (2) ’ڪليون ۽ گل‘ (1978ع) ڇپيل آهن.


لفظ سندر مجرمھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1925.01.05  عيسوي

شاعر سندر مجرم جو اصل نالو سندر منگھراج جڳواڻي ۽ تخلص ’مجرم‘ آهي. هن 5 جنوري 1925ع تي ڀريا شهر ۾ جنم ورتو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلال شاهه
بردو سنڌي
چوهڙ سنگهه رامداس سوامي
ٻڍڙو فقير
عـبـدالرئـوف عـاصـي
احمد سولنگي
سلطان باهو
سروپچندر شاد
باشو 1
پرسرام ارجن داس ڪمل
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون